لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي اڳوڻي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر جاويد بدر نون ليگ جي صدر نواز شريف جي نالي کليل خط لکي ماضي ۾ مڙهيل الزام تي معافي وٺي ڇڏي.
جاويد بدر اڳوڻي وزيراعظم جي نالي لکيل خط ۾ چيو ته نواز شريف کان پنهنجي گستاخين ۽ الزام بازين تي معافي وٺان ٿو.
اڳوڻي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر چيوته اِهو خط ڪنهن دٻاءُ، لالچ بنا رڳو آخرت جي ڊپ ۽ ضمير جي آواز تي لکيو، پي ٽي آءِ باني سان گڏجي قوم جي ٻچن جي غلط سياسي تربيت ڪئي، انهن ٻارن جي والدين ۽ پوري قوم کان معافي وٺان ٿو.
جاويد بدر لکيو ته نواز شريف تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، جيل ۾ رکيو ويو، الله تعاليٰ جو انصاف برحق آهي، نواز شريف کي ٻيهر عزت ۽ مان مليو.
پنهنجي خط ۾ جاويد بدر ان ڳالهه جو اعتراف پڻ ڪيو ته هن سياست ۾ زهر، نوجوانن جي ذهنن ۾ نفرت ڀرڻ، پي ٽي آءِ باني کي تڏهن ڇڏيو جڏهن عثمان بوزدار کي وڏو وزير بڻايوويو ۽ جڏهن بشريٰ بي بي کي ڪرپشن جي کُلي اجازت ڏني وئي.
Next Post
You might also like