ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون هڪ هزار رپيا لاٿ بعد 2 لک 74 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 857 رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 35 هزار 5 سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ڏهه ڊالر لاٿ بعد 2 هزار 6 سئو 35 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.