ايران شام ۾ شرپسند سرگرميون بند ڪري: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ايران شام ۾ پنهنجون شرمسنداڻيون سرگرميون بند ڪري.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس دوران آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته ايران ڊگهي عرصي کان دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي.

ويدانت پٽيل جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران ۾ نوبل انعام يافته نرگس محمدي جي آزادي کان باخبر آهي، نرگس محمد کي طبي بنيادن تي ايڪيهه ڏينهن جي لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آمريڪا ايران کان مطالبو ٿو ڪري ته ايراني عورتن جي حقن واري ڪارڪن نرگس محمد کي غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.