بشريٰ بي بي جا توشا خانا ڪيس ٽو ۾ وارنٽ جاري

راولپنڊي(م ڊ)عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. راولپنڊي جي سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ  بي بي خلاف توشا خانا 2 ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت مسلسل  غير حاضري تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي سندس حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. عدالت بشريٰ بي بي جي ضامن کي به نوٽيس جاري ڪندي پڇاڻو ڪيو ته توهان جا شارٽ بانڊ ڇو نه ضبط ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.