18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به ٿي سگهي ٿي: ڪي اليڪٽرڪ سي اي او خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي خبردار ڪيو آهي ته جتي به بل جمع نه ٿيندو، اتي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به ٿي سگهي ٿي.
سنڌ اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس فياض ٻٽ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جا چيف ايگزيڪيوٽو شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به شرڪت ڪئي.
ڪميٽي چيئرمين فياض ٻٽ چيو پاور ڪمپنين کي هدايت ڏني آهي ته ايم پي ايز سان ملاقاتون ڪن، ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جو رويو ٺيڪ نه هو، اسان پاور ڪمپنين سان گڏ ويهي مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪاريون رڍون موجود آهن، سي اليڪٽرڪ سي اي او کي ٻڌايو ته 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ عملو بجلي چورن ۽ جنريٽر مافيا سان مليل آهي، رات جو ٻي وڳي به لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، مسئلو حل نه ٿيو ته ماڻهو آپي مان نڪري ويندا.
اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جي اسيمبلي ميمبرن سان منهن ماري به ٿي، عامر صديقي چيو ته ڪراچي ۾ 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ڪو قانون ئي ناهي، نيپرا قانون تي عمل نه پئي ڪرائي.
ڪي اليڪٽرڪ سي اي او واضح ڪيو ته جتي به بل جمع نه ٿيندو، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به ٿي سگهي ٿي، اسان بجلي ڪاٽڻ ويندا آهيون ته ملازمن تي حملا ٿيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.