ڪوهلي ورزش بعد مون سان پريڪٽس ڪندو آهي: انوشڪا شرما

ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جتي پنهنجي راند سبب سڄي دنيا م شهرت ماڻي آهي، اتي سندس فٽنس جا به هر هنڌ چرچا آهن.
فٽ رهڻ لاءِ ضروري آهي ته صحتمند کاڌي سان گڏ ورزش کي به روٽين ۾ شامل ڪيو وڃي پر ڪوهلي جي فٽنس روٽين بابت سندس گهرواري ۽ بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما اهم انڪشاف ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ انوشڪا ٻڌايو ته ويرات پنهنجي فٽنس واري معاملي ۾ انتهائي سنجيده آهي، روز صبح اُٿندي ئي ورزش ڪندو آهي ۽ وري هن سان بيٽنگ پريڪٽس ڪندو آهي.
انوشڪا موجب، ويرات جو کاڌو مٺن شربتن ۽ جنڪ فوڊ کان پاڪ هوندو آهي، ويرات ڪوهلي ڏهن سالن کان بٽر چڪن ناهي کاڌو.
اداڪارا ٻڌايو ته ويرات پنهنجي ننڊ جي معاملي ۾ ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي، هو ڪنهن به ريت پنهنجي آرام لاءِ وقت ڪڍي، ننڊ پوري ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.