ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هاڻ ڪنهن به کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت ڀرتي نه ڪئي ويندي.
سنڌ ۾ 1974 کان لاڳو فوتي ڪوٽا ختم ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي هدايت کانپوءِ سنڌ سول سرونٽس رولز 1974 مان شق 11 اي کي ختم ڪيو ويو.
سنڌ ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ چيف سيڪريٽري آفيس سڀني کاتن کي آگاهه ڪندي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت ڀرتي نه ڪئي ويندي.
You might also like