آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ نامزدگين جو اعلان، هڪ پاڪستاني به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي ) نومبر 2024ع لاءِ مينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نامزدگين ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف کي به شامل ڪيو ويو آهي، حارث رئوف کي آسٽريليا جي دوري دوران سندس شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي نامزد ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني بالر ڪينگروز خلاف 22 ورهين بعد آسٽريليا ۾ ون ڊي سيريز کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
حارث رئوف کانسواءِ ڏکڻ آفريڪا جي مارڪو جنيسن ۽ ڀارت جي جسپريت بمرا کي به آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.