ممتا ڪُلڪرني جي 25 ورهين بعد ڀارت واپسي، جذباتي پيغام جاري

ڀارتي بلاڪ بسٽر فلم ” ڪرن ارجن“ ذريعي شهرت جون بلنديون ماڻيندڙ نوي جي ڏهاڪي جي بي باڪ اداڪارا ممتا ڪُلڪرني پنجويهه ورهين بعد ڀارت واپس پهچي وئي.
ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني مٿان 2000 هزار ڪروڙ ماليت جي منشيات جو ڪيس داخل هو، جيڪو ممبئي جي مقامي عدالت ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي خارج ڪري اداڪار کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي.
ممتا 25 ورهين بعد پنهنجي اباڻي شهر واپسي تي انسٽاگرام تي تصوير ۽ وڊيو شيئر ڪندي جذباتي پيغام جاري ڪيو.
وڊيو ۾ هن چيو ته ” مان ڏاڍي جذباتي آهيان، مون وٽ پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ لفظ نه آهن، جڏهن اُڏام ممبئي ۾ لينڊ ڪيو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهي هيس ڇو ته مون پنهنجو ملڪ چويهه ورهين بعد ڏٺو آهي.“
تصوير جي ڪيپشن ۾ ممتا لکيو ته ” پنجويهه ورهين بعد پنهنجي وطن واپسي.“
اداڪارا جي واپسي جي خبر تي سندس مداحن خوشي جو اظهار ڪندي سندس فلمي ڪردارن کي ياد ڪيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جا پيغام لکيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.