بحريا ٽائون جو دبئي ۾ عالمي منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان

بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ دبئي ۾ هڪ وڏو عالمي منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي ٽي پراپرٽيز ۽ دبئي سائوٿ وچ ۾ دبئي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت دبئي سائوٿ جي گالف ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ عظيم الشان تعميراتي ۽ ڪمرشل ڊسٽرڪٽ تعمير ڪيو ويندو.
اهو معاهدو دبئي ايوي ايشن ڪارپوريشن ۽ دبئي سائوٿ جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين خليفه الزفين ۽ بحريا ٽائون جي سي اي او احمد علي رياض ملڪ وچ ۾ ٿيو.
ان موقعي تي دبئي سائوٿ پراپرٽيز جو سي اي او نبيل الڪندي، بحريا ٽائون جو باني ۽ چيئرمين ملڪ رياض ۽ ٻنهي ادارن جون ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.
ان منصوبي ۾ ولاز، ٽائون سائوسز، اپارٽمينٽس، تعليمي سهولتون، اسپتالون، ڪمرشل اسپيس، مسجدون، تفريحي ماڳ شامل هوندا، ان کانسواءِ پاڻي جا ڍنڍ، هڪ مرڪزي پارڪ، ڊانسنگ فائونٽينز، يادگار اڏاوتون، ويڪرا روڊ ۽ ٻيون پرڪشش خاصيتون شامل هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.