ڀارتي ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ” سيد مشتاق علي ٽرافي“ دوران مختصر فارميٽ ۾ نئون رڪارڊ ٺهي ويو.
سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ برودا جي ٽيم سِڪم خلاف ٽي ٽوئنٽي جو سڀ کان وڏو ٽوٽل ٺاهيو، ميچ ۾ برودا مقرر ويهه اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 349 رنسون ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
ان کان اڳ زمبابوي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي جي سب ريجنل ڪواليفائر ميچ ۾ گيمبيا خلاف چئن وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون هيون.
برودا جي اننگز ۾ مجموعي طور تي رڪارڊ 37 ڇڪا لڳا جڏهن ته ان کان اڳ هڪ اننگ دوران سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ به زمبابوي وٽ هو جنهن 27 ڇڪا هنيا هئا.
واضح رهي ته اڳوڻو ڀارتي ڪپتان هاردڪ پانڊيا ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ برودا جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ڪُرنال پانڊيا برودا جو ڪپتان آهي.
You might also like