راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي عمر ايوب، شيخ رشيد، فواد چوڌري، زرتاج گل ۽ راجا بشارت سميت ٻيا جوابدار به پيش ٿيا.
وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جج امجد علي شاهه عدالتي ڪمري ۾ فرد جرم پڙهي ٻڌايو.
عمران خان کانسواءِ شيخ رشيد سميت ٻين جوابدارن تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، مجموعي طور تي 100 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني سميت ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته جي ايڇ ڪيو حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي تي داخل آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني سميت 143 جوابدار نامزد آهن.
عدالت 23 جوابدارن کي اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، جن ۾ شهباز گل، ذلفي بخاري ۽ مراد سعيد به شامل آهن.
Next Post
You might also like