شاگرد تعليمي ادارن ۾ سٺا لڳندا آهن، ڊي چوڪ تي نه: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته شاگرد يونيورسٽيز ۾ سٺا لڳندا آهن، ڊي چوڪ تي نه، شاگرد هٿ ۾ پٿر يا ڏنڊو نه ٿي ڏسڻ چاهيان.
اسڪالرشپ اسڪيم جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته هوشيار شاگرد ۽ شاگردياڻين جي تعليم سندس ذميواري آهي ۽ اصل سياستدان اُهو هوندو آهي ته جيڪو نئين نسل تي سيڙپڪاري ڪري.
مريم نواز چيو ته بندوق، غليل، پٿر ۽ ڪوڪن وارا ڏنڊا پاڪستان جي سڃاڻپ نه آهن، پاڪستان جي سڃاڻپ شاگرد آهن، اِهي چهرا ڊي چوڪ تي ويهي ڏنڊا ۽ پٿر هلائڻ بدران ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ تعليم پرائيندي سٺا لڳن ٿا.
هن چيوته پنجاب حڪومت اهڙو پراجيڪٽ آڻي رهي آهي جنهن ۾ ڪروڙين رپين تائين جو قرض ڏنو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجو ڪو ڪاروبار ڪري سگهو، پنهنجي والدين تي ٻوجهه نه بڻجو، بنا وياج قرض آسان قسطن تي ڏنو ويندو ته جيئن اوهان ذهني سڪون سان ڪم ڪري سگهو.
سندس چوڻ هو ته اسڪالرشپ لاءِ ستر هزار درخواستون مليون آهن، صوبي ۾ شاگردن کي ٽيهه هزار اسڪالرشپ ڏنيون پيون وڃن، 18 هزار شاگرد ۽ 12 هزار شاگرديانين کي اسڪالرشپ ڏني ويندي.
مريم نواز چيو ته جنوري کان ٻيهر ليپ ٽاپ اسڪيم آڻي رهيا آهيون پر ليپ ٽاپ هجي يا ٻيون گهرجون شاگردن جي سموري ذميواري کڻنداسين، ڪنهن جو تعلق نه ليگ هجي يا نه بنا فرق اسڪالرشپ ملندي، اسڪالرشپ پروگرام ذريعي وسيلا نه هئڻ باوجود تعليم جاري رکندڙ شاگردن جي خوابن کي ساڀيان جو روپ ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.