ميٽا سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٿريڊز ۾ نوَن سرچ ٽول جو واڌارو ڪري ڇڏيو.
ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي واهپيدارن لاءِ ٿريڊز ۾ مخصوص پوسٽس کي سرچ ڪرڻ وارو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
ڪمپني موجب، واهپيدار سرچ بار تي مينيو ۾ وڃن جتي پروفائيل ۽ ڊيٽ رينج موجب سرچ وارو آپشن نظر ايندو.
في الحال اِهو فيچر محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي پر ايندڙ ڪجهه هفتن دوران سڄي دنيا جي صارفين لاءِ دستياب هوندو.
نئون فيچر ان وقت متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ايڪس ( ٽوئيٽر) کي وڏي انگ ۾ واهپيدار الوداع چئي رهيا آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like