پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار احمد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت زرتاج گل کي 21 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڏيندي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
Next Post
You might also like