ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اوقاف کاتي کان رينجرز جي استعمال هيٺ مٺارام هاسٽل جي حيثيت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور گم ٿيل شهري جي بازيابي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ رينجرز پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پڇاڻو ڪيو ته رينجرز طرفان گرفتار ڪيل جوابدارن کي ڪٿي رکيو ويندو آهي؟ جنهن تي رينجرز پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مٺا رام هاسٽل کي سب جيل قرار ڏنو آهي، جوابدارن کي اتي رکيو ويندو آهي.
جسٽس صلاح الدين چيو ته مٺا رام ته تعليمي مقصدن لاءِ هاسٽل جوڙايو هوندو، هاڻي ميٺا رام جو روح به ڇا سوچيندو هوندو؟ تعليمي مقصدن لاءِ اڏيل عمارت کي اهڙي مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته هنن عمارت کي نهايت بهتر ۽ اصلي حالت ۾ رکيو آهي.
عدالت چيو ته هاڻي اِها عمارت حڪومت ڏيندئو ته هو کپائي ڇڏيندا، جنهن تي رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته کپائي ته نٿا سگهن، پر من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا.
عدالت اوقاف کاتي کان رينجرز جي استعمال هيٺ مٺا رام هاسٽل جي حيثيت بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Prev Post
Next Post
You might also like