لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري جي گاڏي ڪئنال روڊ وٽ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري پنجاب يونيورسٽي ۾ هونهار اسڪالرشپ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي ۾ سندس گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو.
رپورٽس موجب، عظميٰ بخاري ڪار حادثي ۾ محفوظ رهي، کيس گوڏي تي معمولي زخم رسيا آهن.
You might also like