اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي راڄڌاني جي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي عدالت اوهان کي چيو ته شهرين، واپارين ۽ مظاهرين جي بنيادي حقن جو خيال رکو، اوهان کي امن امان بحال ڪرڻو هو پر اوهان پورو شهر ئي بند ڪري ڇڏيو.
24 نومبر جي پي ٽي آءِ احتجاج خلاف واپارين جي توهينِ عدالت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ليگل ساجد چيما، اسٽيٽ ڪائونسل ملڪ عبدالرحمان ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق حڪومت انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي امن امان بحال ڪرڻو هو پر اوهان سڄو اسلام آباد بند ڪري ڇڏيو، درخواست گذار چيو ته سندن ڪاروبار هلڻ ڏيو،
هن چيو ته اوهان ميڊيا تي هر هنڌ چيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آرڊر تي اسان اجازت نه ڏينداسين، عدالت اوهان کي چيو ته شهرين، واپارين ۽ مظاهرين جي بنيادي حقن جو خيال رکو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هو پي ٽي آءِ کان به پڇاڻو ڪندو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ هو پڇاڻو ڪندو ته حڪومت سان ويڙهه ۾ عام شهرين جو ڪهڙو ڏوهه هو؟
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ غلط ڪيو ته حڪومت به غلط ئي ڪيو، درخواست گذار جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ سندن ڪاروبار ڇو بند ڪيو ؟
اسٽيٽ ڪائونسل ملڪ عبدالرحمان ٻڌايو ته ڪجهه رپورٽس اچي ويون آهن ۽ ڪجهه رپورٽس اچڻيون آهن، عدالت اسٽيٽ ڪائونسل تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيا آهيو، اِها ماهراڻي راءِ اتي ڏيڻي هئي، اوهان اسلام آباد کي اهڙو بند ڪيو جو ججن سميت هو پاڻ به نه اچي سگهيو، پنهنجي ئي آرڊر جو پاڻ شڪار بڻجي ويس.
چيف جسٽس عامر فاروق گهرو وزرت کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
”پنهنجي ئي آرڊر جو پاڻ شڪار بڻجي ويس، پي ٽي آءِ وارن غلط ڪيو ته حڪومت به غلط ئي ڪيو“
You might also like