روس کان ڪچو تيل خريدڻ وارو معاملو، پيٽروليم واري وزير اهم بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ روس سان ڪٿي تيل واري معاهدي بابت خبرون رد ڪندي چيو آهي ته ماسڪو سان اهڙي ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصديق ملڪ جو چوڻ هو ته روس سان ڪچي تيل بابت معاهدي جون خبرون غلط آهن، روس سان ڪنهن اهڙي نتيجي تي ناهيون پهتا، ماسڪو ڪچي تيل واري معاملي تي ڪا به ڊيل ناهي ٿي.
وفاقي وزير چيو ته روس کان ڪچي تيل جو ڪو به ڪارگو ناهيون خريدي رهيا، اهڙو فريم ورڪ جوڙي رهيا آهيون جنهن ذريعي صارف کي سستو تيل ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.