سمي الدين جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بات ڪيس ۾ اميگريشن عملدارن جو جواب جمع

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ وائيس آف بلوچ منسگ پرسنزجي جنرل سيڪريٽري سمي الدين جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي خلاف ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ اميگريشن ۽ پاسپورٽ عملدارن پاران جواب جمع ڪرايو ويو .جواب ۾ چيو ويو ته 28آگسٽ تي بلوچستان حڪومت جي سفارش تي سمي دين بلوچ جو نالو پي سي ايل ۽ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. درخواست گذار سمي دين بلوچ خلاف ڪيس داخل آهن. درخواست گذار جو وڪيل جبران ناصر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪل کان پوءِ مقرر ڪئي، ايندڙ ٻڌڻي ٿي وڪيلن کان دليل طلب ڪيا ويا.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا شاگرد جي بازيابي بابت ڪيس ۾ دستاويز طلب ڪري ورتا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئينچ ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي 8 شاگردن جي گم ٿيڻ واري  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ايس ايچ او کي طلب ڪري ورتو. درخواست گذار موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 8 شاگردن کي گم ڪيو جنهن ۾ 7واپس اچي ويا پر حنيف جو پتو نه پيو آهي يونيورسٽين جا امتحان ٿيڻ وارا آهن شاگرد کي آزاد ڪرايو وڃي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي ٿي گم ٿيل شاگرد جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ يونيورسٽي جا دستاويز طلب ڪري ورتا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. خوراڪ کاتي جي آفيسرن کان ڪڻڪ خريداري جو رڪارڊ طلب

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي وڏي وزير جي خوراڪ  بابت خاص مددگار عبدالجبار خان جي صدارت هيٺ خوراڪ کاتي جي معاملن بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري خوراڪ خالد محمود شيخ، ڊائريڪٽر  خوراڪ سنڌ محمد حسين بلوچ، ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ معاون خاص کي کاتي جي مختلف معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، عبدالجبار خان خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪڻڪ جي خريداري، بارداني، ٽينڊر ۽ فلور ملز کي ڏنل ڪڻڪ جو پنجن سالن جو رڪارڊ ستن ڏينهن اندر پيش ڪن، هن زور ڏنو ته سرڪاري گودامن ۾ پيل ڪڻڪ جي صحيح مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي ٽيگنگ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.