گرين پاڪستان جي نالي تي ڳوٺاڻن کي بي دخل ڪرڻ جي شروعات گولاڙچي کان ٿي وئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ڊاڪٽر ماروي سنڌو پنهنجي گڏيل  پريس بيان ۾ چيو آهي ته گرين پاڪستان منصوبي جي نالي تي گولاڙچي جا 80 ڳوٺ مسمار ڪيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي جي سهڪار سان وفاقي حڪومت سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ڪري سنڌين کي فلسطينين جيان بي دخل ڪري رهي آهي، گرين پاڪستان جي نالي تي ڳوٺاڻن کي بي دخل ڪرڻ جي شروعات گولاڙچي کان ڪئي وئي آهي جنھن کانپوءِ سموري سنڌ جا هزارين ڳوٺ مسمار ڪري لکين ڳوٺاڻن کي بي گهر ۽ بي زمين ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪري، زمينون غيرملڪي سرمائيدارن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري، سنڌو جو پاڻي بند ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي سمورن سنڌ دشمن منصوبن ۾ وفاق جي ساٿاري آهي. پيپلز پارٽي جا حڪمران سامراجي ايجنٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.