ڀريا ڀرسان ٻارن سامهون هيڊماسترياڻي زال قتل ڪرڻ بعد مڙس جو آپگهات

ڀرياسٽي/ڀريا (رپورٽ: مجيد ڪيريو+مير محمد سهتو) ڀرياسٽي ويجهو نوجوان زال کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ غلام حيدر آرائين ۾ 25 سالن جي علي حسن آرائين 40 سالن جي زال ناياب آرائين کي اسڪول ۾ گهڙي پسٽل جا فائر ڪري مرڻينگ ڪيو، ان دوران اسڪول ۾ ڀاڄ پئجي وئي. زخمي ناياب آرائين کي نوشهرو فيروز اسپتال نيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنائين. جوابدار گهر وڃي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪيو. مقتولا جي پيءُ منظور آرائين، ڀاءُ سهيل آرائين ۽ سجاد آرائين موجب علي حسن آرائين ڀيڻ کي قتل ڪري ظلم ڪيو، هن دوکي سان ڀيڻ سان شادي ڪئي ۽ خلع جو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلندڙ هو. ناياب مڙس علي حسن آرائين کان گهرو اڻبڻت سبب خلع وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست ڪئي هئي.  آپگهات ڪندڙ علي حسن جي ڀاءُ آصف آرائين چيو ته سندس ڀاءُ ناياب سان دوستي کانپوءِ نڪاح ڪيو هو پر ماسات ناياب ٻارن سان ڌار رهندي هئي ان لاءِ ذهني طور پريشان رهندو هو. واقعي کانپوءِ اسڪول کي عارضي طور تي سيل ڪيو ويو. ايس ايڇ او ڀرياسٽي منير لغاري موجب زال مڙس جو پاڻ ۾ اختلاف هو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال رهي. فوتين کي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.