ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، مخدوم فخرالزمان، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد جي ڪمشنرن سميت مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. پي اي سي اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو کاتي جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ روينيو آفيسر آر بي او ڊي ون ۽ آر بي او ڊي ٽو منصوبي ۾ اربين روپين جي بي ضابطگين ۽ منصوبي لاءِ ماڻهن کان حاصل ڪيل زمين ۽ ماڻهن کي زمين جي مد ۾ معاوضي جي ادائيگين جو رڪارڊ پي اي سي کي نه ڏئي سگهيا جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڊپٽي ڪمشنرن کان پڇاڻو ڪيو ته آر بي او ڊي منصوبو ايترا سال گذرڻ جي باوجود اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگهيو آهي ۽ منصوبي جو رڪارڊ ڇو ناهي؟ ان لاءِ اسان کي آر بي او ڊي منصوبي جو رڪارڊ ۽ سڀئي تفصيل گهرجن. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر قادري پي اي سي کي ٻڌايو ته 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب ڪجهه رڪارڊ سڙي ويو آهي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بقاءُ الله انڙ پي اي سي کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهيءَ ۾ ضلعي ويليوئيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن ڪميٽي زمين جي رقم طئي ڪئي هئي پر هر ضلعي جي زمين جو ريٽ مختلف آهي. نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته آر بي او ڊي منصوبي لاءِ جن ماڻهن کان زمين ورتي وئي انهن مان اڃان تائين ڪيترن ماڻهن کي معاوضو ادا نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ٻڌايو ته اڃان تائين 22 ماڻهن زمين جي معاوضي لاءِ جيڪا دعويٰ داخل ڪئي هئي انهن کي معاوضي جي ادائيگي جو ڪم نيب وٽ رڪارڊ هجڻ سبب بند ڪيو ويو آهي ۽ آر بي او ڊي جي منصوبي تي ڪم 50 سيڪڙو اڃان تائين باقي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پي اي سي کي ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي وٽ به آر بي او ڊي منصوبي جو رڪارڊ موجود ناهي اجلاس ۾ 27 ڊسمبر 2007ع جي سانحي ۾ ٺٽي، ڄامشورو ۽ سجاول سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هزارين ماڻهن جي ملڪيتن جو سڙي ويل رڪارڊ 17 سالن کان پوءِ به ٻيهر گڏ نه ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته 17 سال گذرڻ باوجود رڪارڊ آف رائيٽس نه ٺهي سگهيو آهي اِها ڪنهن جي غفلت آهي؟ نثار کهڙو چيو ته سڄي سنڌ جي ٻين کاتن ۾ به رڪارڊ آف رائيٽس جي بحالي ۽ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکيو وڃي