ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊي آدم جي ثنا روشن ڪالوني جي رهواسڻ 13 سالن جي عروج ڌيءَ جهانگير ڪشميري جي شروعاتي طبعي رپورٽ بابت تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فضل محمود شاهه ساڻس جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، رپورٽ اچڻ کانپوءِ پڌري ڪئي ويندي. نينگري جي موت جو ڪارڻ ڦاهو کائڻ ناهي لڳي رهيو، سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽڻ سبب موت واقع ٿيو آهي. بي سيڪشن پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار محراب خان کوسي کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي ڊاڪٽر محمد موسيٰ ابڙي موجب اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نينگري ۽ جوابدار وچ ۾ لاڳاپا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. فوتڻ عروج جي پيءُ جهانگير ۽ سونيا ڪشميري چيو ته جوابدار نياڻي کي اسڪول ايندي ويندي تنگ ڪندو هو جنهن سبب هو ذهني اذيت ۾ مبتلا هئي. هو غريب آهن ۽ وٽن پوليس ۽ وڪيلن کي ڏيڻ لاءِ خرچ نه آهن. هنن گهر ڪئي ته جوابدار کي سزا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.