دبئي /حيدرآباد (پ ر) سنڌي نوجوان سنگت دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ فجيرا شھر جي ڀرسان مسافي واري علائقي جي پھاڙين ۾ شاندار آجياڻو ڏنو ويو ۽ کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪن، لنگهين ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏنا آجياڻي ۾ دبئي ۾ رھنڌڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته آصف علي زرداري سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي لاءِ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي موت جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياهه قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون، سنڌ جي ھزارين سالا ثقافت ۽ تھذيب موت جو گرھ بڻجي ويندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڀڙڀانگ ڪئي وئي آھي،هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 3 ڪرڙو سنڌي پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ڀرپور نموني جدوجھد ڪن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اڳيان احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتالون ڪري ياداشت نامون پيش ڪن. ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري آھي، اھو فطري ڇوڙ بند ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي اڳتي وڌي آيو آھي ۽ زير زمين پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي مسلسل چوٿين حڪومت ھلي رھي آھي، جنھن جو نتيجو آھي جو ڌاڙيل ۽ منشيات فروش وڌيڪ مضبوط آھن ۽ قانون انھن آڏو ڪمزور آھي. غريب ماڻھن انصاف کان محروم آھن. ڪرپشن سبب پوليس ۾ ڏوھاري عنصر شامل ٿي ويا آھن، جيڪي خود ڏوھن جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. انصاف نه ھجڻ ڪري اسان جو سماج انارڪي جو شڪار ٿي رھيو آھي، بيڊ گورننس جي ڪري معاشي بحران شديد ٿي رھيو آھي.