جادوئي سمارٽ فون جيڪو اوهان جي اشارن تي هلندو

گذريل مهيني ۾ چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي ” دي ميٽ 70 “ سيريز سمارٽ فونز متعارف ڪرايا آهن.
هواوي بزنس گروپ جي چيئرمين رچرڊ يو موجب، اِهي فونز ” اڄ تائين جا سڀ کان سگهارا ميٽ فونز آهن. “
هواوي طرفان دي ميٽ 70 سيريز جا ٽي سمارٽ فون متعارف ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾دي ميٽ 70، دي ميٽ 70 پرو ۽ دي ميٽ 70 پرو پلس، جنهن قيمت اٽڪل 760 ڊالرز يعني ٻه لک 12 هزار رپين کان شروع ٿئي ٿي.
رچرڊ يو موجب، ميٽ 70 پهرين مين اسٽريم فون آهي جنهن ۾ سيٽلائيٽ پيجنگ سسٽم شامل آهي، ان کانسواءِ ميٽ 70 سيريز ۾ ميٽ 60 سيريز کان بهتر پروسيسر آهي ۽ اِهو هواوي جي پنهنجي تيار ڪيل آپريٽنگ سسٽم هارموني او ايس نيڪسٽ تي هلندو آهي.
هن دعويٰ ڪئي آهي ته اِهي سڀ شيون گڏجي ميٽ 70 فونز جي ڪارڪردگي کي پونئن ماڊلز جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور تي چاليهه سيڪڙو بهتر بڻائين ٿيو.
ميٽ 70 سيريز ۾ پهريون ڀيرو هواوي جي پنهنجي هارموني او ايس کي ايڏي وڏي پئماني تي رول آئوٽ ڪيو پيو وڃي.
سال 2019ع ۾ آمريڪي پابندين سبب گوگل سروسز تائين هواوي جي پهچ ختم ڪئي ويئي هئي، هاڻي ڪمپني طرفان پنهنجي تيار ڪيل سافٽ ويئر تي مڪمل طور ڀارڻ لاءِ انتهائي وڏو قدم کنيو ويو آهي.
نومبر ۾ هواوي اعلان ڪيو هو ته هن پنهنجي آپريٽنگ سسٽم لاءِ پندرنهن هزار ايپ حاصل ڪري ورتيون آهن، ڪمپني مستقبل ۾ ايپ جو انگ هڪ لک تائين ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، پر ان ڊيوائسز جي خاصيت ۾ سڀ کان نمايان فيچر ايئر ٽرانسميشن فائل شيئرنگ ٽيڪنالاجي آهي.
ان فيچر ذريعي بنا ڪنهن ڪنيڪشن جي هواوي، جي هڪ ڊيوائس کان ٻي ڊيوائس تي فائلز منتقل ڪري سگهجن ٿيون.
اِهو فيچر هواوي جي آپريٽنگ سسٽم هارموني او ايس نيڪسٽ ۾ موجود اي آءِ چيسچر ايئر ڊراپ ۽ هميشه آن رهندڙ ڪئمرا جي مدد سان ڪم ڪري ٿو.
دي ميٽ 70 جي مهورتي تقريب دوران رچرڊ ڊيو هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن فيچر جي مدد سان واهپيدار موبائيل فون جي اسڪرين تي موجود مواد کي رڳو هٿ جي اشاري جو استعمال ڪندي هوا ۾ پڪڙي ڪنهن ٻي ڊيوائس تي سولائيءَ سان منتقل ڪري سگهندا.
ميجڪ جيسچر آپريشنز جي مدد سان ٻيا به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهجن ٿا جهڙوڪ ايِ بُڪ جا صحفا پلٽڻ، هڪ ايپ کان ٻي ايپ تي وڃڻ يا شيون چونڊڻ وغيرا.
اِهي فيچرز هواوي ڊيوائسز کي ايپل سميت مارڪيٽ ۾ موجود ٻين ڪمپنين کان منفرد بڻائڻ ٿا.
هواوي طرفان متعارف ڪرايل فيچر ايپل جي ايئر ڊراپ فيچر کان بنهه مختلف آهي.
ايپل ايئر ڊراپ فيچر ايپل ڊيوائسز ۾ تصويرون، وڊيوز، لوڪيشن ۽ ٻيون فائلز شيئر ڪري سگهجن ٿيون، تنهنڪري ايپل جي ٻنهي ڊيوائسز جي وچ ۾ ٽيهه فٽ کان گهٽ فاصلو هئڻ ۽ ٻنهي ڊيوائسز تي واءِ فاءِ ۽ بليو ٽوٿ آن هجڻ ضروري آهي.
هواوي جي ايئر ڊراپ فيچر ۾ اهڙي ڪائي حد نه آهي. هواوي طرفان شيئر ڪيل وڊيوز ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو فون جي اسڪرين جي آڏو پنهنجي هٿ بند ڪري جڏهن ڊيوائس جي سامهون اِهو کوليندا آهن ته ان سان فائل منتقل ٿي ويندي آهي.
هواوي موجب، تمام جلد اِهو فيچر ڪمپني جي ٻين فليگ شپ ڊيوائسز تي موجود هوندو.
هواوي اُهو ڪري رهيو آهي جيڪو ايپل به نه ڪري سگهيو
ميٽ 70 سيريز جي مهورت بعد سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان شيئر ڪيل وڊيوز ۾ ماڻهن کي فيچر جو استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
ڪيئي واهپيدار نئين فيچر کي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ۽ جادوئي قرار ڏنو آهي.
هڪ واهپيدار لکيو ته اوهان اِهو ايئن نٿا چئي سگهو ته هي چريائپ جي حد تائين حيران ڪندڙ نه آهي.
هڪ ٻئي صارف جو چوڻ هو ته ” هيري پوٽر موويز جو جادو“ هاڻي ڳالهه فلمن تائين محدود ناهي رهي. هواوي اُهو ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ايپل به ناهي ڪري سگهيو.
هڪ واهپيدار سوال ڪيو ته ڇا ايئن واقعي ممڪن آهي؟ ان جو جواب ته فون مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ ئي ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.