مريم نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪمل باري طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ 22 نومبر تي درخواستگذار کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، پوليس عدالتي حڪم کانپوءِ ٽن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو.
درخواست موجب عدالتن ٽنهي ڪيسن مان درخواستگذار کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو، مقامي پوليس مسلسل درخواستگذار کي هراسان ڪري رهي آهي، ڌريون ڄاڻي واڻي 22 نومبر جي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم کي نظرانداز ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالت ڌرين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪرڻ سان گڏ توهين عدالت جي ڪارروائي به شروع ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.