ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کان ڪراچي ايندڙ نجي ايئر لائن جي اڏام ۾ بم جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ ٻن مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو.
اسلام آباد کان ڪراچي ايندڙ اڏام جي ٻن مسافرن جهاز جي سڀني مسافرن کي بم جو ڪوڙو اطلاع ڏنو، جنهن تي ٿرٿلو مچي ويو.
ايس او پي تحت جهاز جي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي وئي، بم جو اطلاع ڪوڙو نڪتو، جنهن کانپوءِ جهاز کي ڪليئر قرار ڏنو ويو، جهاز ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.
هوڏانهن ڪوڙو اطلاع ڏيڻ تي ٻنهي مسافرن کي حراست ۾ ورتو ويو.
You might also like