پاڪستان جي 6 ورهين جي ٻار وڏو ڪارنامو انجام ڏيندي عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
محمد ابراهيم گنيز ورلڊ ريڪارڊ جي انفرادي ڪيٽيگري ۾ رڪارڊ ٺاهي سڀ کان ننڍي عمر ۾ مارشل آرٽس رانديگر بڻجڻ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
6 سالن جي محمد ابراهيم هڪ منٽ ۾ مارشل آرٽس ڪڪس ذريعي 45 بوتلن جي ٻجين کي ڪاميابي سان کوليو.
ابراهيم جي رڪارڊ جا تفصيل گنيز ورلڊ ريڪارڊ پنهنجي ويب سائيٽ تي به جاري ڪيا آهن ۽ گنيز ورلڊ ريڪارڊز محمد ابراهيم جو اهو رڪارڊ نيو ڪيٽيگري ۾ منظور ڪيو آهي.
ان کان اڳ هڪ منٽ ۾ ڪڪس سان 40 بوتلن جون ٻجيون کولڻ جو رڪارڊ هو.
You might also like