ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻه ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ وري واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 75 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 35 هزار 940 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر واڌ سان 2640 ڊالر في اونس آهي.
Next Post
You might also like