بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب بهاولپور ۾ ششماهي ڍنڍ روڊ تي رهائشي ڪالوني جي هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش مليا، جن ۾ هڪ عورت ۽ ٻار به شامل آهن.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته گهر مان هڪ ٻارڙي بيهوش حالت ۾ به ملي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن ڀرسان رت به موجود آهي، لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.
Next Post
You might also like