چيمپيئنز ٽرافي: پي سي بي جي مطالبن تي بي سي سي آءِ ٻڏتر جو شڪار، تجويزون نه مڃڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني، شيڊيول ۽ وينيو بابت ڀارت طرفان پاڪستان جي تجويز نه مڃڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويز واري معاملي ٻڏتر جو شڪار آهي.
پاڪستان آءِ سي سي ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي پر ڀارت ۾ سيڪيورٽي مسئلا نه هئڻ سبب بي سي سي آءِ تجويز مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب، هائبرڊ ماڊل نه مڃڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان مان شفٽ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڀارت کان لکت ۾ ضمانت گهري آهي، لکت ۾ ضمانت نه ملڻ تي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت فيصلو ڪندو.
پي سي بي ذريعن موجب، آءِ سي سي يا ڀارتي بورڊ طرفان پاڪستان جي تجويزن تي ڪو به رابطو ناهي ٿيو، پاڪستان جي تجويزون مشاورت جاري آهي، في الحال ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، تجويزن تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ڳالهين جو امڪان آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽن سالن تائين پاڪ-ڀارت ميچون نيوٽرل وينيوز تي ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.