بلاول پاران سياسي اتفاق راءِ لاءِ ٻين پارٽين سان رابطن جي هدايت،وفاق کان سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي ڳڻتي

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس  ۾ رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ڪميٽي کي سياسي پارٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو تھ سياسي پارٽين  سان رابطو ڪري طئي ڪيو وڃي ته ڪهڙن معاملن تي سياسي اتفاق راءِ ممڪن آهي. اجلاس ۾موجوده سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مرڪزي توڙي ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سميت وفاقي سطح تي سياسي، پاليسي ۽ ترقياتي ڏکيائين بابت حل نه ٿيندڙ مسئلن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو . ان موقعي تي  پاليسي مسئلن جهڙوڪ: ٻوڏ وارن علائقن جي بحالي، پاڻي جي انتظام جي تڪرار، زراعت کي درپيش چيلينجز ۽ ڊجيٽل معيشت ۽ عوامي مفاد جي قانون سازي تي پڻ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي حوالي سان رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، انھن کي دور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو تھ انهن رڪاوٽن ۾سياسي، پاليسي ۽ قانون سازي وارن  معاملن تي بروقت مشاورت جو فقدان شامل آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران واعدن تي عمل نه ٿيڻ کي به رڪاوٽ قرار ڏنو ويو ۽ ملڪ اندر دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ زميني حقيقتن جي نتيجي ۾درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين اتفاق راءِ جي نه هئڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس ۾ اھو پڻ طئي ڪيو ويو تھ رابطا ڪميٽي جون سفارشون هلندڙ مهيني جي آخر تائين پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آڏو پيش ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.