روهڙي پوليس پاران نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ،وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، چڪريون

روهڙي/ سکر(نمائندن وٽان) سکر ۾ پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري  مارجي ويو،  ترجمان ايس ايس پي سکر پارن جاري ڪيل بيان موجب پٽڻي ٿاڻي جي حد اوور هيڊ برج ڪنڀر لنڪ روڊ وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾  هڪ ڦورو مارجي ويو، مارجي ويل جي قبضي مان هٿيار ۽ رقم سان ڀريل ٿيلهو هٿ ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ناڪابندي دوران پوليس موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو. جوابدارن موقعي تان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس فرار ٿي ويل جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته ان دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي  فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيا فرار ٿي ويا.مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ روڪ رقم 14 لک 50 ھزار رپيا هٿ ڪئي وئي. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ رضا زنگيجو طور ٿي آهي.پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري سکر شهر ۽ روهڙي جي مختلف علائقن ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث هو.پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بي سيڪشن ٿاڻي سکر جي حد مان موبائل ڪمپني جي گاڏي مان نقدي ڦر واقعي جو ماسٽر مائينڊ هو.مقابلي ۾ مارجي ويل جو ٻين پوليس ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ بابت معلومات ورتي پئي وڃي، جڏهن ته  ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جوان مردي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس پارٽي کي شاباس ڏيندي سي سي ٿرڊ ۽ نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.هوڏانهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن ۽ شهرين لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڳالهين لاءِ ويل پوليس ٽيم تي مظاهرين پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ اي ايس آءِ سميت 7 اهلڪار زخمي ٿي پيا، ان کانپوءِ پوليس آسو گئس شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪيو، پوليس جو چوڻ هو ته گذريل رات هڪ ڪروڙ ڦر ڪندڙ جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو هو.

سنڌ ۾ امن ناهي،پوليس ماڻهو پئي ماري:رياض چانڊيو

ڪراچي( پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو،نواز علي شاھ ڀاڏائي،غفارميرجت،پنهل جمالي، ذوالفقار  بليدي اياز سولنگي،سلطان دل، ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ امن امان ناهي ڌاڙيل انڊسٽري ، منشيات انڊسٽري  ته اوج تي آھي پر پوليس بي گناه ماڻھو کڻي  ڦل فراءَ هاف فراءَ جي نالي تي ماري پئي ۽ اپهاهج بڻائي پئي. هي سلسلو گذريل چاليهن سالن کان جاري آھي ته پوليس معصوم ماڻھن کي موت جي ننڊ سمهاري پئي اهو عدالتن کان مٿانهن قتل آھي پر پوءِبه امن امان بحال ناهي ٿيو نه منشات جو خاتمو ٿيو آھي،هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو هاف فراءَ فل فراءِ ٿيا آھن جبري گمشدگيون ٿيون آھن ،ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو آھي

پ پ لاءِ قربانيون ڏنيونسين،ان جي حڪومت ۾ سڪيلڌي پٽ جو لاش مليو:امڙ

سکر: مارجي ويل نوجوان جي امڙ عوامي آواز آڏو روئيندي چيوته اسان پيپلز پارٽي ۽ شھيد بينظير ڀٽو جا پيروڪار آھيون ،  منھنجي والد توڙي سهري  پ پ خاطر جيل ڪاٽيا آھن اسان سياسي شعور رکندڙ  ۽ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکون ٿا  منھنجي سھري توڙي بابا  پ پ  لاءِ جيل گھاريا پر اڄ ان حڪومت مون کي پنھنجي اڪيلي پٽ جو لاش مليو آهي جنھن کي ڦورو ڄاڻائي منھنجي دل کي صدمو رسايو ويو آهي ، منھنجو اڪيلو پٽ به پڙھيو لکيو ھو جيڪو ڪاليج کان  پنھنجي ڀيڻ زينب  سان  گھر اچي رھيو ھو ته هن کي ڀيڻ سميت پوليس گاڏي مان لاهي کڻي وئي  جنھن کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو ويو آهي ۽ منھنجي نياڻي زينب کي گم ڪيو ويو آهي ،هن پ پ  جي چيئرمين سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته انصاف ڪيو وڃي ،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.