مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت معاشي ۽ سياسي استحڪام جون گهڻيون ئي ڳالهيون ڪندي آهي، بيان بازي هجي يا انٽرويوز سڄو زور سياسي ۽ معاشي استحڪام تي ڏنو ويندو آهي. جيڪي سياسي جماعتون خاص ڪري پي ٽي آءِ جڏهن به اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج يا ڌرڻي جو اعلان ڪندي آهي ته حڪومت ان کي اهو چئي رد ڪندي آهي ته اهي احتجاج ۽ ڌرڻا سياسي ۽ معاشي ماحول کي ڇيهو رسائيندا آهن. تنهن ڪري اهي ملڪي مفاد ۾ ناهن هوندا پر ٻئي پاسي ڏٺو اهو ويو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ پاڻ عملي طور ايڏي سنجيده ناهي هوندي جيڏي نظر اچڻ لڳي. مثال طور اوهان ڏٺو ته پي ٽي آءِ جڏهن 24 نومبر کان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو تڏهن کان سڄي ملڪ اندر انٽرنيٽ جي رفتار غير معمولي طور گهٽجي وئي آهي. اها رفتار بظاهر انٽرنيٽ جي گهٽ رفتاري آهي پر حقيقت ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتار سان سڄو سماجي ۽ معاشي وهنوار سست ٿي ويو آهي جنهن سان سماجي رابطا ته متاثر ٿيا ئي آهن پر ان جو اثر معاشي رابطن تي به شديد نموني پيو آهي جيڪو معاشي نقصان موجوده صورتحال ۾ ناقابل برداشت آهي.
رپورٽون آهن ته انٽرنيٽ سروس جي سست رفتاري سبب مختلف ڪاروباري طبقن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻيو ته اڪثر ماڻهن کي واٽس ايپ سميت سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن کي استعمال ڪرڻ ۾ پڻ تڪليف رسي رهي آهي. جڏهن ته آن لائين ڪاروباري ماڻهن ۽ تنظيمن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي.ڇا حڪومت کي ان جو ڪو اونو آهي؟ بظاهر ته ائين ٿو لڳي ته حڪومت جو سڄو ڌيان پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جي واويلا ڏانهن آهي ۽ ان ڪوشش ۾ حڪومت ملڪ اندر سياسي ۽ معاشي صورتحال کي جام ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته چوڻ جي حد تائين ان کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ڳڻتي آهي پر ان کي احساس ناهي ته ان اعلانيل احتجاج کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سڄي اسلام آباد کي ڪنٽينرن سان بند ڪري پي ٽي آءِ جي نه پر اصل ۾ معيشت جي رستا روڪ ڪري ڇڏي هئي حڪومت جي ان قدم سان معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو تنهن جو حساب ڪير ڏيندو. ائين حڪومت فيس بڪ تي پڻ پي ٽي آءِ جو نيٽ ورڪ متاثر ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ سروس کي سلو ڪرڻ سان جيڪو معاشي سرگرمين کي راتاهو ڏنو تنهن سان ڌار نقصان رسي رهيو آهي. انٽرنيٽ ستت هئڻ سان معيشت سميت سڄو وهنوار سست ٿي ويو آهي هر قسم جو ڪاروبار بيهي ويو آهي . ان سان گڏ اليڪٽرنڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو ڪم به سست ٿي ويو آهي.
سو حڪومت کي ان پاسي سوچڻ گهرجي ته ڪي اها اقتدار ۽ سياسي مفاد ۾ پاڻ ئي ته سياسي ۽ معاشي نقصان ته نه ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇا اهو نه ٿو چئي سگهجي ته حڪومت به اهو ئي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو اها مخالف ڌر تي الزام مڙهي رهي آهي. تنهن ڪري حڪومت کي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجي موجوده پاليسيءَ تي سنجيدگيءَ سان نظرثاني ڪرڻي پوندي. ان کي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ جمهوري پاليسين سان نه رڳو حڪومت پنهنجو پر عوام ۽ ملڪ جو به نقصان ئي ڪري رهي آهي.
ڪير به غير جانبدار ماڻهو يا تجزئي نگار حڪومت جي موجوده پاليسي کي درست نه ٿو سمجهي اڃان به مٿس تنقيد ئي ڪري رهيو آهي. هي مسئلو به جيڪڏهن پي ٽي آءِ سا سلهاڙيل آهي يعني پي ٽي آءِ جو نيٽ ورڪ فيس بڪ تي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهوسڀ حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي. تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته سياست جي دنيا ۾ ڳالهيون ئي مسئلن جو پهريون ۽ آخري حل آهي. جڏهن به ڳالهين کي يا جمهوري توڙي پارلياماني رويين کي نظر انداز ڪيو ويندو ته مسئلا ٿيندا.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جون پاڻ ۾ ڳالهيون ته ٺهيو پر پ پ کي جيڪا موجوده مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي اتحادي آهي تنهن کي پڻ مسلم ليگ (ن) سان وڏي شڪايت رهي آهي ته اها ان کي ڪيترن ئي معاملن ۾ اعتماد ۾ نه ٿي وٺي جنهن ڪري ٻنهي جماعتن ۾ اختلاف به ٿين ٿا. چوڻ جو مقصد ته جمهوري روح جي تقاضا ڳالهيون ۽ هڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ هوندو آهي ۽ پوءِ اڪثريتي راءِ کي تسليم ڪرڻو هوندو آهي. اها اڪثريتي راءِ ڀلي غلط هجي ۽ اقليتي راءِ درست هجي پر جمهوري روح تحت بهرحال اڪثريتي جي راءِ کي قبول ڪبو آهي. سو مسلم ليگ (ن) ممڪن آهي ته ڪيترن معاملن تي پ پ يا ٻين اتحادي جماعتن کان ان ڪري صلاح نه وٺندي هجي ته متان اهي مخالفت ڪن پر اها مخالفت اصل ۾ حڪومت جي مفاد ۾ ئي سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت بنا صلاح جي انٽرنيٽ کي سلو ڪري ملڪ جو معاشي ۽ ڪاروباري نقصان ڪيو آهي ته اتحادي جماعتون چئي سگهن ٿيون ته ان جي ذميوار اڪيلي مسلم ليگ (ن) آهي جنهن ان فيصلي ۾ اعتماد ۾ نه ورتو. سو ڳالهين، ڊائيلاگ ۽ هڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ جمهوري روح تحت فيصلا ڪرڻ سان مسئلا ۽ بحران پيدا ناهن ٿيندا.
هتي هڪ ٻي ڳالهه جو به وڏو فقدان رهيو آهي ته جيڪڏهن عوامي ۽ ميڊيا ئي سطح تي ڪو فيصلو تڪراري سمجهيو ويندو آهي ته حڪومت اهو تڪراري فيصلو واپس وٺڻ کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيندي آهي جيڪو نه بڻائڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪو ٽيڪنيڪلي معاملو آهي ته ان کي ٽيڪنيڪلي طور ترت درست ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي. سو اسان جي حڪومت کي گذارش هوندي ته اها معاشي ۽ ڪاروباري مفاد کي ذهن ۾ رکي فوري طور انٽرنيٽ جي سروس کي تيز ڪري جيئن صورتحال نارمل ٿي وڃي.