سمري تي پي ٽي آءِ لکو، جلدي وزيراعظم وٽ پهچي ويندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عافيه صديقي جي آزادي واري درخواست تي ٻڌڻي دوران دلچسپ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم کي سمري موڪليو، اهو ڏسو آمريڪا وڃڻ واري وفد جو خرچ ڪير ڀريندو؟ جيڪڏهن سمري وزيراعظم تائين نه پهتي ته ان تي پوءِ پي ٽي آءِ لکي ڇڏيو، جلد پهچي ويندي، ٻڌڻي دوران عدالت پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته آمريڪا وڃڻ واري وفد جي سفري خرچن جي سمري وزيراعظم کي موڪلي وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته عافيه صديقي جي آزادي لاءِ آمريڪا وڃڻ وارو وفد خانگي ڪمپني ۾ ويو ته خرچ  حڪومت ادا ڪندي يا نه؟ ڊاڪٽر عافيه جو آمريڪي وڪيل ڪلائيو سمٿ وڊيو لنڪ تي آيو ته سندس آواز نه آيو، جنهن تي جسٽس سردار اعجاز اسحاق کيس چيو ته انٽرنيٽ سست آهي توهان جو آواز نه ٿو اچي، جنهن بعد عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪريون ته عدالت ۾ به انٽرنيٽ صحيح ڪم نه ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.