غوثپور ( ن ع آ )غوثپور ڀرسان ڪرمپور پوليس جي حد ۾هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان منصب چولياڻي قتل ٿي ويو ڪرمپور مگسي لنڪ روڊ تي احسان لاڙي وٽ بنگلاڻي برادري جي هٿياربندن ٽئڪسي رڪشا مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان منصب چولياڻي موقعي تي قتل ٿي ويو جڏھن ته هڪ واٽهڙو علي حسن گهنڃو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي مقتول جا وارث ۽ ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زخمي نوجوان علي حسن گهنڃو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، واقعو پراڻي دشمني جو پڻ ٻڌايو پيو وڃي، ڪرمپور سرڪاري ايمبولنس جي سھولت نه هجڻ ڪري فوتي نوجوان جو لاش ٻن ڪلاڪن تي روڊ تي پيل رهيو بعد ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽريڪٽر ٽرالي ۾ نوجوان جو لاش ڪرمپور اسپتال کڻائي ويا، مقتول جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.