ملير (ڊ ر) بن قاسم ٿاڻي جي حد گهگهر ڦاٽڪ ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري زين ڪميونيڪيشن نالي موبائل جي دڪان تي ويٺل 18 ورهين جو نوجوان سرفراز علي پٽ نجم الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، ضروري ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي بن قاسم ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو، مارجي ويل نوجوان کي پنج گوليون هنيون ويون، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.