اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪئي، اهو حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي ڀروسي جي نشاندهي ڪري ٿو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان تاريخي حد پار ڪرڻ لاءِ حڪومتي معاشي ٽيم ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ رڌل آهي، سندن خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هن ته پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل سان قرباني وئرٿ نه وئي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.