پي ٽي آءِ احتجاج مان پڪڙيل افغانين جي سڃاڻپ سامهون آڻڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي سڃاڻپ جلد سامهون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري  چيو ته 9 مئي هجي يا 24 نومبر جو احتجاج ناڪام ٿيو، پي ٽي آءِ 5 ڀيرا احتجاج جو سڏ ڏئي چڪي پر هر ڀيري ناڪام ٿي.هن چيو ته علي امين گنڊاپور تي ڪارڪنن تنقيد ڪئي، ڪارڪنن سندس گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، چيو ويو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان واسطو ناهي پر ڪالهه مڙس جي آزادي لاءِ ضد ڪري رهي هئي، پوءِ رات جو احتجاج مان فرار ٿي. سندس چوڻ هو ته احتجاج دوران پنجاب پوليس جي 22 گاڏين کي نقصان پهتو، پڪڙيل افغان شهرين جو رڪارڊ جلد سامهون اچي ويندو.

  1. پي ٽي آءِ احتجاج خلاف توهين عدالت درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندو

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي راڄڌاني ۾ احتجاج خلاف واپارين پاران داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. پي ٽي آءِ  جي احتجاج خلاف بليو ايريا ايف سيون جي واپارين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.