سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آهي: اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور ڪمند جو سرڪاري اگهھ  پنج سئو رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ جي زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھه ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن به فصل تيار ٿين ٿا ته انھن جا هٿرادو اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي بدحال ڪيو وڃي ٿو. گذريل سال ڪمند جو سرڪاري اگھه چار سو 25 رپيا مقرر ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر نه ڪيو آهي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه ھزارين سالن کان سنڌين جو آھي ۽ رھندو پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا ھن وقت وڏو حملو سنڌو درياھه تي 6 نوان ڪئنالن جي صورت ۾ ڪيو آهي. سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو.اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ٻئي پاسي اياز لطيف پليجو سول اسپتال حيدرآباد پھچي ڊينگي ۾ مبتلا قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي جي عيادت ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.