پيرڳوٺ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن جي اوطاق تي ڪاهه، انڌاڌنڌ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ:  وسيم سنڌي) ڪنگري جي ڪچي جي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪي ٽي ممتاز واري علائقي ۾ هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا دلشاد ناريجو  ۽ غلام نبي شيخ قتل ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ عبدالرحمان انڙ پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري ٻن ڄڻن دلشاد ناريجو ۽ مهمان ٿي آيل غلام نبي شيخ کي قتل ڪيو آهي، پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا ويندا جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي جاچ ڪيون پيا. آخري اطلاعن تائين پوليس کي ٻنهي ڄڻن جا لاش هٿ نه اچي سگهيا هئا. جڏهن ته مارجي ويل غلام نبي شيخ دلشاد ناريجو وٽ مهمان ٿي آيل هو. جڏهن ته اهڙي واقعي سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.