اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر پي ٽي آءِ جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سمورن حقيقي سياسي ڪارڪنن کي چاهي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان هجي، کين پرامن احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ جو حق آهي، جيڪڏهن انهن کي هن حق جي استعمال ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته اهي تعريف جا حقدار آهن، نه طنز جا نه، هن چيو ته حقيقي سياسي ڪارڪن جمهوريت جو قيمتي اثاثو هوندا آهن جيڪي آمريت خلاف اٿي بيهندا آهن.