سنڌو ءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ قومي وحدت تي وار آھي:ملي يڪجهتي ڪائونسل

ڪراچي (رپورٽر) ضلع ڪرم، خيبرپختونخوا ۾ بدامني ۽ قيمتي انسان جانين جو ضايع ٿيڻ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ناڪامي آهي، وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن. اها ڳالهه ملي يڪجهتيڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي اسدالله ڀٽو، قاضي احمد نوراني، علامه جعفر سبحاني، علامه صادق جعفري، ثقلين اسحاق، مولانا غلام مرتضيٰ رحماني، محمد حسين محنتي، مجاهد چنا، مولانا ملڪ غلام عباس، علامه عارف رشيد مسعود، ڊاڪٽر لئيق احمد ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ۾ ڪئي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪرم ۾ وڌيڪ انساني جانين جو نقصان ۽ ملڪيتن جي بربادي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ماتحت ادارن ۽ امن و امان لاءِ اربين روپين جي بجيٽ تي قائم ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي. اسان سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور ان سانحي تي هڪ تحقيقاتي ڪميشن جوڙي وڃي، هنن  چيو ته غزا ۽ لبنان ۾ وڌيڪ ظلم هاڻي ناقابل برداشت آهي. اسلامي ملڪن جي خاموشي، سعودي عرب ۾ انهن جو رويو، او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو لهجو، اهي سڀ مايوس ڪندڙ آهن، اڳواڻن ارسا معاهدي جي برخلاف درياهه سنڌ تي ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ کي پاڻي تي ڌاڙو ۽ قومي اتحاد لاء ھاڃيڪار قرار ڏنو. مولانا ڀٽو چيو ته سنڌ صوبو اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ ڪري وڏي مشڪل ۾. آھي نوان ڪئنال سنڌ تي وار آھي جنھن جي سنڌ جو عوام ڪڏھن به اجازت ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.