راولپنڊي ( م ڊ ) بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي،آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن،مستقبل ۾ دفاعي سهڪار ۽ علائقائي سلامتي بابت مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،پاڪ فوج جي ترجمان مطابق آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ بيلاروس جي ڪردار کي ساراهيندي ٻه طرفي سهڪار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو،ان کان اڳ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين ملاقات ڪئي، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وفد آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو ويو، جنرل عاصم منير عالمي ۽ علائقائي ماحول ۾ تبديلين باوجود پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي چيني قيادت جا ٿورا مڃيا.آءِ ايس پي آر موجب چيني جنرل زانگ يوشيا جي، جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.هن شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا ۽ خراج به پيش ڪئي. چين جي فوجي قيادت سان ملاقات ۾ آرمي چيف چيو ته پاڪ چين تاريخي دوستي هر ڏکئي وقت کي منهن ڏنو آهي، هي تاريخي ڀائيواري اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي.آءِ ايس پي آر موجب جنرل زانگ يوشيا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ پاڪستان جي ثابت قدمي جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته چيني سينٽرل ملٽري ڪميشن دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي به واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل زانگ يوشيا پائيدار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي عزم کي ورجايو.