حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، نور نبي پليجي ۽ ممتاز کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏني وئي آهي. پريا ڪماري سميت سوين ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، سنڌ سرڪار سنڌ ۾ امن امان ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. وفاقي سرڪار سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ مصروف آهي، سنڌ جو امن وفاق توڙي سنڌ سرڪار جي ايجنڊا ۾ ئي ڪونهي. ڌاڙيلن کي افغانستان مان اسمگل ڪري جديد هٿيار پهچائيندڙ اسمگلرن خلاف حڪومت ڪاروائي نٿي ڪري جنھن ڪري ڌاڙيلن اتر سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري قائم ڪري ڇڏي آهي. اغوا انڊسٽري کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي. ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ اسمگلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اسمگلرن جي سهولتڪاري جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.