رولو ڪتو ڇو ماريو، ؟ ميرپورخاص جي ٻن ڪائونسلرن سميت 4 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي سيٽلائٽ ٽائون يوسي 4 جي رهواسين جي شڪايتن تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن  سيد خادم علي شاھه جي ڪائونسلرن ميونسپل ڪارپوريشن  جي عملي جي مدد سان زهر جو انجيڪشن هڻي ماريل رولو ڪُتِي کي مارڻ جو ڪيس سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ زاهد حسين جي فرياد تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهھ جي يوسي 04 جي ٻن ڪائونسلرن ڪاشف اقبال، سيد لياقت علي شاهه ۽ ٻن رهواسين شاهد فاروقي ۽ آصف آرائين خلاف داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته اسين علائقي ۾ گشت ڪري رهيا هئاسين ته سوشل ميڊيا تي خبر هلي ته ڄاڻايل جوابدارن رولو ڪُتِي تي تشدد ڪري ماريو آهي اهڙي مليل خبر جي اسان تصديق ڪئي آهي ۽ اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ اسان وٽ محفوظ آهن جنهن جي بنياد تي لاڳاپيل قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد کين شخصي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

  1. يو اي اي روزگار لاءِ ويندڙ پاڪستانين لاءِ ويزا جا نوان شرط لاڳو

ابوظهبي ( م ڊ ) گڏيل عرب اماراتن روزگار لاءِ ايندڙ پاڪستانين لاءِ ويزا جون نيون شرطون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، گڏيل عرب امارتن ۾ روزگار لاءِ ويندڙ پاڪستانين لاءِ نئين ويزا شرط لاڳو ڪئي وئي آهي. يو اي اي بيورو آف اميگريشن جي مطابق، امارات ۾ ڪم ويزا لاءِ  درخواست ڏيڻ وارن لاءِ هڪ ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ گهربل هوندو.پاڪستان اوورسيز ايمپلائمينٽ ايسوسي ايشن موجب پاڪستانين کي پوليس جو ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ لازمي هوندو. پاڪستان اوورسيز ايمپلائمينٽ ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته يو اي اي حڪومت پاران شڪايتن جي حل لاءِ کنيل قدم تعريف لائق آهن. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات مختلف شڪايتن سبب پاڪستان جي 30 شهرن جي وزٽ ويزا تي پابندي لڳائي چڪي آهي.

  1. پُرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي آئيني حق آهي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي (رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي آئينيي حق آهي، مارڪٽ جو رستو ملڪ کي ڏڦيڙ ۽ نئين بحران طرف  وٺي ويندو. مفاداتي،انتقامي ۽ انتشار واري سياست ملڪ کي معاشي، سياسي ۽ اخلاقي بحران طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، پاراچنار سانحي کان ويندي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي سنگين واقعن توڙي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ مان لڳي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪنهن به شيءِ جو وجود ڪونهي. اعلى عدليه ۾ من پسند ججز ذريعي عوام کان انصاف جي آخري اُميد به کسي وئي آهي، ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته پاراچنار واري واقعي کي فرقيواريت جو رنگ ڏئي سڄي ملڪ ۾ وڳوڙ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، پر سڀني ديني جماعتن ۽ ملڪي يڪجهتي ڪونسل ملڪ دشمن قوتن جي ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.