اننيا جا پيءُ چنڪي پانڊي جي بيروزگاري وارن ڏينهن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا اننيا پانڊي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد اداڪار چنڪي پانڊي ڪم نه ملڻ سبب ڊگهي عرصي تائين گهر بيروزگار ويٺو رهيو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا اننيا پانڊي والد چنڪي پانڊي جي ڪيريئر جي ڏکين ڏينهن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته هوءَ هڪ اهڙي دور ۾ ڄائي جڏهن پيءُ جو ڪيريئر زوال جو شڪار هو.
هن چيو ته پيءُ جي ڪيريئر جي لاهن چاڙهن کيس ڪاميابي ۽ ناڪامي بابت گهڻو ڪجهه سکڻ ۾ مدد ڪئي، کيس ڪڏهن چيٽ شو ” ڪافي ود ڪرن “ ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي.
اننيا پانڊي موجب، والد چنڪي پانڊي سندس پيدائش کان اڳ هڪ وڏو اداڪار هو پر سندس پيدائش کانپوءِ هن مختلف ڪردار ادا ڪيا، هڪ وقت اهڙو به هو جو ڊگهي عرصي تائين ڪم نه هئڻ سبب گهر ۾ بيروزگار ويٺو رهيو.
اداڪارا چيو ته ننڍپڻ هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ هڪ يا ٻه دفعا سيٽ تي وئي هئي ڇو ته ان وقت والد وٽ ڪرڻ لاءِ ڪم گهڻو ڪم نه هو، ماڻهو کيس ڏسڻ لاءِ اسان گهر اچڻ ڇڏي ڏنو هو.
چنڪي پانڊي جي ڪيريئر مان سبق سکڻ واري سوال تي اننيا پانڊي چيو ته هوءَ پيءُ جي تبديليءَ واري رويي مان ڏاڍي متاثر آهي، هن هر قسم جا مرڪزي، ننڍا توڙي ناڪاري ڪردار ڪيا، جيڪي هن لاءِ هڪ خوبصورت شئي جي حيثيت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.