اسلام آباد ۾ رهندڙ افغان شهرين بابت حڪومت جو وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 31 ڊسمبر کانپوءِ افغان شهري اين او سي بنا اسلام آباد ۾ نه رهي سگهندا.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن افغان شهري کي اسلام آباد ۾ رهڻو آهي ته ڊي سي آفيس مان اين او سي وٺڻو پوندو ۽ 31 ڊسمبر کانپوءِ افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ نه رهي سگهندا.
هن چيو ته ڪنهن پوليس واري وٽ گن نه هئي، پروپيگنڊا ڪئي وئي ته 33 لاش هڪ اسپتال ۾ پيا آهن، انهن کي پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جو ٻيو ڪو طريقو نه پيو ملي.
سندس چوڻ هو اسان جي هڪ ئي ترجيح آهي ته حالتون معمول تي اچي وڃن، شام تائين سڀ ڪجهه معمول تي اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.