اسلام آباد شرپسندن کان فوري خالي ڪرايو ڪابه رعايت نه ڪريو: آءِ جي اسلام آباد

اسلام آباد(م ڊ) آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد کي فوري طور تي شرپسندن کان خالي ڪرايو وڃي، ڪنهن  به شرپسند سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي، قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، شرپسندن پوليس تي فائرنگ ڪئي، اسان جا ڪيترائي جوان زخمي ٿيا آهن، احتجاج جي آڙ ۾ پرڏيهي شرپسند گروپ ۾ موجود آهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هر صورت ۾ عمل ڪيو وڃي.

  1. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اڄ به تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا اڄ به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انتظاميا موجب اهو فيصلو ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جي سفارشن تي شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

  1. اهلڪار ماريندڙ گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي هجڻ بابت ڳالهيون پروپيگنڊا آهي: رينجرز

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان رينجرز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ رينجرز اهلڪارن جي مارجڻ بابت سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، چيو پيو وڃي ته رينجرز اهلڪار سڪيورٽي فورسز جي گاڏي جي تيز رفتاري سبب مارجي ويا، اهو پروپيگنڊا کانسواءِ ڪجهه ناهي. رينجرز ترجمان موجب، حادثي ۾ رينجرز جا 3 اهلڪار مارجي ويا ۽ چوٿين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.